بودو ڪنڀ ۽ وادي

بودو ڪنڀ ۽ وادي: کيرٿر جابلو سلسلي جي مشهور نئن ”نلي يا نري“ جي پيٽ ۾ کيرٿر جي ٻين وڏين ڪنڀن وانگر هي بودو نالي به هڪ ڪنڀ آهي، جيڪو بودو واديءَ ۾ موجود بودي ڳوٺ جي وٽ ۾ آهي. هن ڪنڀ ۾ هر وقت پاڻي رهي ٿو ۽ مڇي جو شڪار به ٿئي، ڪنڀ ۾ پاڻيءَ جي گهرائي 20 فوٽ تائين ٿيندي. ڪنڀ ويجهو موجود بودو وادي ۽ واديءَ ۾ پوکيل فصل نئن نريءَ جي هن ٽڪري کي سرسبز ۽ شاداب ڪيو ويٺا آهن.
بودو ڪنڀ جي ويجهو اولهه ڏکڻ ۾ نئن نريءَ جي پيٽ ۾ ئي رند لاشار جنگ جي حوالي سان قديم ماڳ سدو مزو ڊهه موجود آهي، جتي پڻ پاڻيءَ جو هڪ وڏو تلاءُ آهي، جتي مقامي ماڻهن موجب واڳون ۽ سيسر به ڏٺا ويا آهن، هن تلاءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار به ڪيو ويندو آهي. هي اولهه ۾ ڪارو ڪوٽ ماڳ ۽ قديم ٻڌڪي دور جي ماڳ پپراسر ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي. هن ڪنڀ ۽ سدو مزو ڊهه ويجهو وڏي تعداد ۾ ۽ ٽڪرين تي مختلف قسمن جا چٽ Petroglyphics چٽيل آهن، جن مان گهڻائي ٻڌ دور سان تعلق رکي ٿي.
بودو ڪنڀ ۽ واديءَ ڏانهن رستو ڪاڇي جي شهر واهي پانڌيءَ کان وڃي ٿو، جيڪو شهر جي بلڪل ويجهو اولهه ۾ نئن نريءَ جي منهن مان ٿيندو، ان جي پيٽ مان جيپ جو ۽ پيادل پچرو اوڏانهن وٺي وڃي ٿو. هن علائقي ۾ ٻيا ڪيترائي سمڙا، واهيون ۽ آبشار آهن، جيڪي ان واديءَ ۾ انتهائي خوبصورت منظر پيش ڪن ٿا. هي ماڳ سياحت جي حوالي سان سنڌ جو انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت ماڳ ٿي سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو